SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Res Publica Christiana

(click word to listen sound
  • 🔊
  • res
  • publica
  • christiana
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Res Publica Christiana

ريس پبليڪا ڪرسٽيانا

عيسائي ويساهه واري ويجهڙائي:

چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ دوران يورپ جي ملڪن ۾ مختلف سياسي نظام (بادشاهت، جمهوريت ۽ آمريت وغيره) جي هوندي به مذهب (عيسائيت) جي بنياد تي ملڪن جا پاڻ ۾ اتحاد ٺهيا، جن يورپ جي سياسي ۽ معاشي ماحول تي وڏا اثر ڇڏيا. انهن اثرن بابت تجزيو ڪندي، نامياري سياسي ماهر ”ساپر“ چيو هو ته جيتوڻيڪ يورپ ۾ مُختلف سرشتن هئڻ سبب سياسي معاملن تي ڪافي اختلاف موجود هئا، پر مذهب جي بنياد تي ٺهيل قاعدن، روايتن ۽ عقيدن يورپي مُلڪن وچ ۾ آزاد خيال اتحاد قائم ٿيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته يورپي قومون پوءِ به مذهبي عقيدت ۽ اثر کان گهڻو پري وڃي نه سگهيون. اهو ئي سبب هيو جو يورپي مُلڪن طرفان ترڪي ۽ انڊيا وغيره سان واپاري وهنوا ۽ ڪاروباري لاڳاپا هوندي به، يورپي مُلڪن طرفان انهن کي پنهنجي ڪنهن به اتحاد ۾ شامل نه ڪيو ويو، بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ ”ريس پبليڪا ڪريسٽيانا“ جو اصطلاح انهيءَ ڪري اهميت رکي ٿو، جو گهڻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ واسطيداريءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن اڳڀرائي ۽ هڪ بين الاقوامي تنظيم جي قيام جي ’مُحرڪن بابت اهڙين‘ ويجهڙائين ۽ ٿيندڙ اڳڀرائين مان اندازو ٿئي ٿو. 1714ع ۾ ’اُتريخت جي معاهدي‘ (Treaty of Utrecht) تحت يورپي حڪومتن جي وچ ۾ ٿيل باضابطا معاهدي جي به ”عالمي ايڪي“ ۽ گهڻ قومي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي حيثيت آهي. پر گهڻن محققن جو خيال آهي ته مذهب جي بنياد تي جيڪي تنظيمون، ادارا يا اتحاد قائم ڪيا وڃن ٿا، اهي مُختلف تهذيبن جي پاڻ ۾ ٽڪراءَ (Clash of Civilization) جا خدشا به پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿا. ان حوالي سان ”ريس پيليڪا ڪرسٽيانا“ به مُختلف تهذيبن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ اڻبڻت کي جنم ڏيندڙ نظرين منجهان هڪ آهي، جنهن تمام گهڻي حد ۽ مُدي تائين دُنيا جي مُختلف قومن کي فقط مذهبي فرق جي بُنياد تي هڪٻئي کان پري رکيو ۽ عيسائيت سان وابستگيءَ کي رياستي معاملن ۾ به اهميت ڏني


Remember Me Also:

رنگچنگههچنگهون

ٿ. سُور سببان دانهن ، ڪُڻڪَ. بيماري ، مَرضُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal